ٽنڊو طيب

ٽنڊو طيب: ٽنڊو طيب حيدرآباد شهر جي اڀرندي پاسي ۾ الهداد چنڊ جي ڳوٺ جي ويجھو آباد آهي. ميان محمد طيب، مير محمد نصير خان ٽالپر جو خدمتگار هو. هن جي پيءُ جو نالو حاجي احمد خدمتگار هو ۽ اهو مير فتح علي خان ٽالپر جي خاص خدمتگارن مان هڪ هو. مير فتح علي خان هن کي حيدرآباد جو قلعو فتح حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. طيب خدمتگار مياڻيءَ جي جنگ ۾ شامل هو. هن وقت هتي چڱي خاصي آبادي آهي، جنهن ۾ گھڻائي شيدين جي آهي.


لفظ ٽنڊو طيبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو